باغ فردوس

باغ فردوس: ضلعي جيڪب آباد ۾ ڳوٺ خدابخش لغاريءَ جي سامهون، محمد شفيع شجري هڪ باغ ٺهرايو هو، جيڪو ’باغ فردوس‘ نالي سان مشهور آهي. شجري ڪو وقت افغانستان ۽ ايران ۾ گذاريو هو. فارسي ٻولي اُتان سکي آيو هو. شجري جو لقب به پاڻ تي اُتان رکائي آيو. عام طرح آغا شجري سڏيندا هئس. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي باغ تيار ڪرڻ جو شوق ٿيو، سو مرحوم محمد امين کوسي کيس پنهنجي ڪڙين جي ڪناري تي هڪ کوهه کڻائي ڏنو ۽ زمين باغ لاءِ منظور ڪرائي ڏني. کوهه جو افتتاحي ڪوڏر لپو حضرت پير شيخ عبدالرحمان صاحب ڀرچونڊي شريف واري اچي هنيو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ باغ ٺهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو